شريف خان نواب جو مقبرو

شريف خان نواب جو مقبرو: مڪليءَ تي نواب شريف خان جو مقبرو مقامي زبان موجب ‘کمڙيءَ جي قبي’ سان مشهور آهي. نواب شريف الدين المعروف شريف الملڪ سلطان جهانگير پاران ٺٽي جو گورنر مقرر هو. هن وقت شريف خان جي مڪليءَ واري گنبذ جي دروازي تي انگريزيءَ ۾ Nawab Sharif Khan’s tomb لکيل آهي. هن گنبذ جي اندر ٽي قبرون آهن، جن مان نواب شريف خان جي قبر تي پٿر جو ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي هيٺيون شعر اڪريل آهي:
انکس که وزارت يافت ازراءِ او
چون قصد سفر کرد زين خانئه پر محنت
ازغيب بگوش آمد آن گه خوش الحاني
تاريخ وفات او جاءِ شرف جنت!


هن صفحي کي شيئر ڪريو